جهنڊي واري راشدي خاندان جو پهريون سجاده نشين

 جهنڊي واري راشدي خاندان جو پھريون سجاده نشين 
(پڳدار) حضرت پير محمد ياسين شاه رح

جڏھن کين درگاه شريف روضي ڌڻي رح تان ورهاست ۾  جھنڊو عنايت ٿيو تہ پاڻ اتان


ھجرت ڪري ڳوٺ فريد آباد ۾ ويٺا. جتان پاڻ شاه جي ڳوٺ آيا. اتان ھجرت ڪري اچي ڳوٺ وڳڻ تعلقہ رتي ديره ۾ ضلع لاڙڪاڻي ۾ ويٺا. ڪجھ وقت بعد کين اتان لڏڻو پيو ۽ اچي باقراڻي لڳ  ٺلاھ شريف جي ڳوٺ ۾ ويٺا. سندن مزار شريف پڻ ٺلاھ شريف ۾ آھي. ۽ اتي جايون ٺھرايائون منشا ايزديءَ کين اتي بہ ويھڻ نہ ڏنو. پاڻ عيال سميت اتان روانا ٿيا موجوده ڳوٺ پير جھنڊي جي ڳوٺ ۾ رھڻ جو ارادو ڪيائون. جيئن تہ اھا زمين ھالا وارن مخدوم صاحبن جي ھئي جن کان اجازت وٺي اتي جايون ٺھرايائون ۽ ڳوٺ ٻڌي اڄ تائين سڪونت پذير آھن. ان ڪري کين (پير سائين جاين وارا) خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. سندن ملفوظات مڪمل طرح مون وٽ موجود آھن. جيڪا پير سائين حاجي ھدايت اللّٰه شاھ راشدي گڏ ڪئي. جيڪا ناشر محمد حسن ترڪ سيڪريٽري شاه ولي اللّٰه اڪيڊمي حيدرآباد طرفان شايع ڪرائي وئي. ھن ۾ شريعت بابت مسئلا، ھدايتون ۽ ناصحانہ اقوال سھيڙيل آھن.   پاڻ علماء سان گڏ  اھل اللّٰه روحاني رھبر پڻ ھئا ۽ وقت جا روحاني شاعر پڻ ھئا. سندن ٽيھن ڏينھن تي ٽيھ بيت ٺھيل ھئا. جن جو مثال ھڪ بيت پھريون ۽ ٻيو بيت ٽيھون عرض رکان ٿو. ملاحضہ ڪيو؛

پھرئين ڏينھن. (1)

پھرئين ڏينھن پرين ري ھئي ساھ گھڻي سختي،

دم دم در دانھون ڪري روح اھا رختي،

جي بخت ڏئي بختي، تہ ملان محبوبن کي.


ٽيھين ڏينھن (2)

ٽيھين ٽڪاڻا، آيم ياد عجيب جا،

سي ڪڏھن وسرن ڪينڪي، ھي جي حبيبن ھاڻان،

ي-ا-س-ن چوي يار لاءِ ٿيا نجھر نماڻان،

صاحب سياڻان، ميڙ تہ ماندائي لھي.

ان کان سواءِ ٻہ بيت ۽ 14 ڪافيون ملفوظآت ۾ مڪمل آھن. 

Comments

Popular posts from this blog

راشدي (جهنڊي وارا ڪيئن سڏيا)

Hazrat Sain Sayed Aijaz Ali Shah Rashdi