Posts

Hazrat Sain Sayed Aijaz Ali Shah Rashdi

Image
  Hazrat pir syed Muhiuddin Shah Aijaz Shah Rashdi (1929-1998) Syed Muhiuddin Shah alias Ijaz Shah Rashdhi Bin Syed Ihsanullah Shah Rashidi, was born in 1929 in village Fazulalah Shah, old Pir Jhando near New Saeedabad, Sindh. He was born of the second wife of Syed Ihsanullah Shah ; and hence was the half brother of Badi Uddin Shah Rashidi. Like his brother and other family members he acquired his earlier education in Madrasah Dar-ul-Irshad in his village under the guidance of his family members and his brother Pir Muhbullah Rashidi. He started with nazirah of Quran, which he completed in eight years. After the death of his father when he was eleven years old his education was interrupted. From then onward he never learned through formal schooling. His ascetism, which was apparent even in childhood, made his father call him Bahl˚l, after the celebrated dervish. He continued to learn Arabic and Persian on his own and read books on various themes including religious books and Quran. ...

جهنڊي واري راشدي خاندان جو پهريون سجاده نشين

Image
 جهنڊي واري راشدي خاندان جو پھريون سجاده نشين  (پڳدار) حضرت پير محمد ياسين شاه رح جڏھن کين درگاه شريف روضي ڌڻي رح تان ورهاست ۾  جھنڊو عنايت ٿيو تہ پاڻ اتان ھجرت ڪري ڳوٺ فريد آباد ۾ ويٺا. جتان پاڻ شاه جي ڳوٺ آيا. اتان ھجرت ڪري اچي ڳوٺ وڳڻ تعلقہ رتي ديره ۾ ضلع لاڙڪاڻي ۾ ويٺا. ڪجھ وقت بعد کين اتان لڏڻو پيو ۽ اچي باقراڻي لڳ  ٺلاھ شريف جي ڳوٺ ۾ ويٺا. سندن مزار شريف پڻ ٺلاھ شريف ۾ آھي. ۽ اتي جايون ٺھرايائون منشا ايزديءَ کين اتي بہ ويھڻ نہ ڏنو. پاڻ عيال سميت اتان روانا ٿيا موجوده ڳوٺ پير جھنڊي جي ڳوٺ ۾ رھڻ جو ارادو ڪيائون. جيئن تہ اھا زمين ھالا وارن مخدوم صاحبن جي ھئي جن کان اجازت وٺي اتي جايون ٺھرايائون ۽ ڳوٺ ٻڌي اڄ تائين سڪونت پذير آھن. ان ڪري کين (پير سائين جاين وارا) خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. سندن ملفوظات مڪمل طرح مون وٽ موجود آھن. جيڪا پير سائين حاجي ھدايت اللّٰه شاھ راشدي گڏ ڪئي. جيڪا ناشر محمد حسن ترڪ سيڪريٽري شاه ولي اللّٰه اڪيڊمي حيدرآباد طرفان شايع ڪرائي وئي. ھن ۾ شريعت بابت مسئلا، ھدايتون ۽ ناصحانہ اقوال سھيڙيل آھن.   پاڻ علماء سان گڏ  اھل اللّٰه روحان...

راشدي (جهنڊي وارا ڪيئن سڏيا)

معلوم ھجي ته ھن خاندان جو موءسس ( بنياد يا پايو وجهندڙ) مٿيون حضرت پير  سيد محمد راشد شاھ (روضي ڌڻي) رحمة الله عليه آھن. ان ڪري سندن اسم مبارڪ (نالي مبارڪ) راشد جي ڪري ئي ھي خاندان راشدي سڏجڻ ۾ آيو. سندن جيڪو به اڄ تائين اولاد آھي، اھي سڀ راشدي پير سڏيا وڃن ٿا. حضرت پير سائين سيد محمد راشد شاھ جن ڪل چار شاديون ڪيون، انھن مان ھڪ شاديءَ مان وڏو فرزند حضرت پير سيد صبغة الله شاھ جن ھئا. جن کي پڳ عنايت ٿي. انھن جو اولاد اڄ تائين پير پاڳارا خاندان جي لقب (خطاب) سان سڏيا وڃن ٿا. جن جو ھن وقت اڄ حضرت پير سائين سيد سڪندر علي شاه ( شاه مردان شاه) ثاني پاڳارا آھن، ۽ ٻئي شادي مان ٻيو نمبر وڏو فرزند حضرت پير  سيد محمد ياسين شاه (جاين وارا) جن ھئا. جن کي خلعت ۾ جھنڊو عنايت ٿيو، ان ڪري سندن جيڪو به اولاد آھي، اھي جھنڊي وارا راشدي خاندان جي نالي سان مشھور آھن. ھن کان پوءِ آئون راشدي جھنڊي وارن يا پير جھنڊي وارن پيرن جو احوال ۽ سندن بزرگي، علم ۽ درسگاھن جو احوال عرض رکندس. جنھن خاندان جو چشم و چراغ حضرت سيد محي الدين شاه عرف اعجاز علي شاه جن جي زندگي آھي